ٽيهه اکري

ٽيهه اکري: هيءَ نظم جي هڪ صنف آهي. ”ٽيهه اکري“ مان مراد اهو نظم، جيڪو عربي ”الف- بي“ جي اکرن مطابق سلسليوار چيل هجي. عربي ’الف- ب‘ جا اصولي اکر جملي اٺاويهه (28) آهن، جن جو سلسلو آڳاٽي وقت کان وٺي، هن طرح قائم ٿيل آهي: الف، ب، ت، ث، ج، ح، خ، د، ذ، ر، ز، س، ش، ص، ض، ط، ظ، ع، غ، ف، ق، ڪ، ل، م، ن، و، هه، ي- البت ٻارن کي همزه الف (ء) توڙي ’لام‘ ۽ ’الف‘ جي گڏيل صورت ”لا“ کي سيکارڻ خاطر استادن، انهن کي پڻ جدا اکرن جي صورت ۾ ’هه‘ کان پوءِ داخل ڪيو، جنهنڪري ”الف- ب“ جي ٽيهن اکرن وارو ڳاڻيٽو توڙي انهن جو هڪٻئي پويان سلسلو عام رائج ٿي ويو. انهن ٽيهن اکرن جي سلسلي مطابق جوڙيل نظام کي فارسيءَ جي لحاظ سان ”سي حرفي“ ۽ خالص سنڌي اصطلاح موجب ”ٽيهه اکري“ چيو ويو. ظاهر آهي ته سنڌي نظم جي هيءَ ”سي حرفي“ يا ”ٽيهه اکري“ علمي ماحول ۾ اُسري. عربي ”الف- ب“ جي ٽيهن اکرن ۽ انهن جي سلسلي جي ڄاڻ انهن کي هئي، جي خود پاڻ مڪتب ۾ ويٺا، يا جيڪي ڄاڻن کان پڇي ’الف- ب‘ جي سلسلي کان واقف ٿيا. عربي توڙي فارسي ”باب نامن“ ذريعي، الف ۽ الف سان شروع ٿيندڙ لفظن؛ ب ۽ ب سان شروع ٿيندڙ لفظن؛ ۽ اهڙيءَ طرح باقي اکرن ۽ انهن سان شروع ٿيندڙ لفظن اچارڻ جي مشق سان ’تجنيس حرفي‘ جي پڻ مشق ٿيندي رهي، جا صنف ٽيهه اکريءَ جو ڪارڻ بني. ’تجنيس حرفي‘ جي هن دلپذير مشق، جي هرهڪ اکر بعد ان ساڳئي اکر سان شروع ٿيندڙ لفظ ملائي نظم جا بند جوڙين، اهڙيءَ طرح ٽيهن ئي اکرن پويان ملايل نظم جي ٽيهن بندن يا بيتن کي ”سي حرفي“ سڏيو ويو.
سنڌي اساسي ادب ۾ ”ٽيهه اکري“ نظم جو سلسلو اڄ کان گهٽ ۾ گهٽ اڍائي ٽي سؤ سال اڳ شروع ٿيو. جيئن ته هيءَ صنف علمي ماحول ۾ اسري، انهيءَ ڪري اڪثر ٽيهه اکريون قلمبند ٿيون ۽ قلمي توڙي ڇاپي نسخن ذريعي محفوظ ٿيون. نج سنڌي بيتن جي نهج تي چيل آڳاٽي ۾ آڳاٽي ٽيهه اکري شاهه عبداللطيف ڀٽائي (وفات 1165هه/ 1752ع) جي ”رامڪلي“ سُر ۾ چيل آهي. ٻي آڳاٽي ٽيهه اکري ميين عيسيٰ جي آهي، جا هن غالباً 1163هه بعد جوڙي. اها ٽيهه اکري يڪي قافيي آڻڻ سان ڊگهن بندن جي صورت ۾ چيل آهي. ان کان پوءِ واري دور ۾ شاعرن گهڻو ڪري ٽيهه اکريون چيون ۽ قلمبند ڪيون آهن.
ٽيهه اکري ۾ گھڻو ڪري مدحون لکيون ويون آهن. سنڌ جي فارسي گوشاعرن لا تعداد سه حرفيون مولا علي عليه السلام جي شان ۾ چيون آهن، جن ۾ ميرزا مراد علي بيگ سائل جي فارسي سه حرفي تمام ناياب آهي ۽ سنڌي ۾ عروضي شاعري ۾ مير حسن علي خان ٽالپر ۽ ميرزا قاسم علي بيگ جون سه حرفيون لاجواب آهن.


لفظ ٽيهه اکريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو